سنڌي ڪتاب

سنڌي ڪتاب

سنڌي ڪتاب

سنڌي ڪتاب (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اردو ڳالهائيندڙن جي سکيا لاءِ لکيل آهي، جنهن جا ليکڪ حيدر علي لغاري ۽ محمد نواز نوناري آهن. ڪتاب جي نظرثاني سنڌ جي نامور اديب محمد ابراهيم جويي ڪئي آهي. ڪتاب ۾ اردو توڙي سنڌيءَ ۾ مواد شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اردو وارو ڀاڱو محمد نواز نوناريءَ سنڌيءَ وار حصو حيدر علي لغاريءَ تحرير ڪيو آهي.
ڪتاب ۾ سنڌيءَ جي سکيا لاءِ زمانن، حروف تهجي، مختلف شين جا نالا ڏنا ويا آهن. ان سميت سنڌيءَ ۾ نامور شاعرن، عالمن، اديبن متعلق معلوماتي مضمون شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ شاعري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل شاعرن، شاهه ڪريم بلڙيءَ واري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، سچل سرمست سميت خليفي گل محمد جي شاعري ڏني وئي آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ’پهلي بات‘ عنوان سان نوٽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمئن ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي. پيش لفظ حيدر علي لغاريءَ تحرير ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا واري موضوع تي لکيل هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 1995ع ۾ شايع ڪرايو آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 136 صفحا آهن. ڪتاب جي قيمت 15 رپيا آهي.


لفظ سنڌي ڪتابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو